جُهمٽِي1 (ٻيڙي)

جُهمٽِي1 (ٻيڙي): جهمٽي، ٻيڙيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي ڊيگهه هڪ سؤ فوٽن تائين هوندي آهي. هيءَ ٻيڙي هُونئن ته عام ٻيڙين وانگر هوندي آهي، پر ماضيءَ ۾ هن کي ريشمي پردن، غاليچن ۽ طول وهاڻن سان سينگاري رکندا هئا. هن ٻيڙيءَ ۾ خاص خدمتگارن لاءِ به جدا خانو ٺهيل هوندو هو. اڳي هن قسم جي ٻيڙي خاص بادشاهن ۽ اميرن جي سواريءَ يا سير ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي ويندي هئي. هن کي هلائڻ لاءِ ڇهه اوليون هونديون آهن، هر هڪ اوليءَ کي پنج پنج خلاصي موڙيندا آهن. هن قسم جون ٻيڙيون هاڻي به مغلڀين ۽ ڪراچيءَ ۾ ٺهنديون آهن.
ميرن جي دور ۾، جھمٽي ’شاهي‘ يا سرڪاري ٻيڙيءَ کي چيو ويندو هو، جيڪا هميشه سينگاريل هوندي هئي. مير بحر اڇا ڪپڙا ۽ سرڪاري طور مليل رنگارنگي ٽوپي پائيندا هئا. جھُمٽين جي پاڇيل مٿان وڏيون ڳاڙهيون بيرڪون پيون ڦڙڪنديون هيون. ‘آڳيل‘ ۾ هڪڙو قرمچي رنگ جو ننڍڙو سهڻو شاميانو لڳل هوندو هو، جنهن ۾ حاڪم شان ۽ شوڪت سان ليٽيل هوندو/ هوندا هئا ۽ ٻئي پاسي ڪاٺ جي هڪڙي ڪشادي ڪمري ۾ خدمتگار ويٺل هوندا هئا. مٿاهين هنڌ تي سکاڻي بيٺل هوندو هو. اُهي ٻيڙيون 120 فوٽ ڊگھيون ۽ ساڍا ارڙهن فوٽ ويڪريون هونديون هيون، ٻيڙي کي ڇهه ڳن هوندا هئا ۽ هر هڪ ڳن کي پنج خلاصي موڙيندا هئا. اهي ٻيڙيون پڪي ساڳ مان، مغلڀين ۾ ٺاهيون وينديون هيون. هي ٻيڙيون گهڻو ڪري حيدرآباد ۽ خيرپور جا ٽالپر حڪمران استعمال ڪندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو